راڄ گھاٽ تي چنڊ

راڄ گھاٽ تي چنڊ

راڄ گھاٽ تي چنڊ

راڄ گھاٽ تي چنڊ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر شيخ اياز جو شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ بيت، وايون، غزل، نثري نظم، نظم ۽ ٽه- سٽا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ موجود شاعري، شيخ اياز جي شعري فن، تمثيلي انداز سندس شعور ۽ جذبي، ذهن ۽ قلب جي فطري امتزاج جو عمدو مثال آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ مختلف صنفن تي آڌاريل شاعريءَ کي جدا جدا عنوان ڏئي فهرست جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي.
ڪتاب جو پهريون ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 1987ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو ساڳئي اداري مان 1989ع ۾ شايع ٿيو. ڪچي جلد واري رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 231 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو